شاهل محمد ڪلهوڙي جو ڪوٽ

شاهل محمد ڪلهوڙي جو ڪوٽ (ماڳ): هيءُ ڦٽل ڪوٽ، ضلعي قنبر -شهدادڪوٽ جي ديهه ننگر هڪڙي جي قديمي ڳوٺ ‘عيسي’ ۾ واقع آهي. روايت آهي ته ميان شاهل محمد ڪلهوڙي (1657ع) هي ڪوٽ پنهنجي دفاع ۾ ٺهرايو هو. انهيءَ ڪوٽ جي دفاعي مورچن تان دشمن کي منهن ڏنو ويندو هو. هن ڪوٽ ۾ ڪلهوڙن جي فقيراڻي فوج به قيام ڪندي هئي. ٻي روايت موجب شاهل محمد ڪلهوڙي کانپوءِ سندس ڀائٽي ميان نصير محمد ڪلهوڙي هي ڪوٽ اڏايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو